سمهي سکُ نه ماڻيو

سمهي سکُ نه ماڻيو

سمهي سک نه ماڻيو

سمهي سکُ نه ماڻيو (ڪتاب): هي ڪتاب ليکڪ ۽ سماج سڌار سنڀو هميراڻيءَ جي لکيل مضمونن، ڪالم، مزاحيه لکڻين ۽ سوانحي خاڪن تي مشتمل آهي، جيڪو سندس پٽ ڪيلاش هميراڻي ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي ارپنا ٿر ۽ ٿر جي عظيم ڪردارن، مارئي، مسڪين جهان خان کوسي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، پنهون هميراڻي، مائي ڀاڳي ۽ موهن ڀڳت جي نالي ڪيل آهي. هن ڪتاب جو تعارف ‘سنڀو هڪ هيو’ جي عنوان سان نامور اديب تاج جويي لکيو آهي. ‘پيش لفظ’ مرتب ڪيلاش هميراڻيءَ لکيو آهي، جڏهن ته ‘هن ساڌڙي ماڻهو ۽ آ ڏات جبل جيڏي’ عنوان سان سيد لطيف راشد مورائيءَ ۽ ‘سنڀو ٿر جو امر ڪردار’ عنوان سان ڄام ساقي جا سنڀو هميراڻيءَ بابت مضمون شامل آهن. ڪتاب کي ترتيب وار ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرين ڀاڱي ۾ مضمون، ڪالم ۽ يادگيريون ڏنل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ طنز و مزاح جي موضوع تي لکيل مضمون شامل آهن ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ سوانحي خاڪا ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ڪتاب جي شروعات ۾ سنڀو هميراڻيءَ جو مختصر تعارف پڻ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل امداد قاضيءَ جو لکيل آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل سان 240 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڀو هميراڻي يادگار ڪاميٽي، مٺيءَ پاران همت پبليڪشن حيدرآباد مان جولاءِ 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو